اڻڄاتل شهر جو نقشو- ڪتاب

اڻڄاتل شهر جو نقشو- ڪتاب

اڻڄاتل شهر جو نقشو

اڻڄاتل شهر جو نقشو (ڪتاب ):هي نامياري ڪهاڻيڪاره ۽ ڪالم نگار شبنم گل جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ڪل ٻارنهن ڪهاڻيون شامل آهن، جن جو وچور هن ريت آهي: (1) خوشبوءِ جو موت، (2) ساحلن جي هوا، (3) خالي رستي جو ڏک، (4) وڃائجي ويل پَل، (5) اڻڄاتل شهر جو نقشو، (6) لڙاٽيل شام، (7) ليکڪ، اکيون ۽ انتظار، (8) سيڪنڊ چوائس، (9) لهندڙ سج جو منظر، (10) ساحل جي تمنا، (11) رُڃ ۾ گلاب ۽ (12) ڪوتا ڪهاڻي. ڪتاب بابت ولي رام ولڀ جا تاثر شامل آهن. ليکڪا ڪتاب جي ارپنا پنهنجي والد محترم ڊاڪٽر بشير احمد لاشاريءَ جي نالي ڪئي آهي. 204 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، ڊسمبر 1995ع ۾، نيوفيلڊس حيدرآباد پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت ڪچي جلد ۾ 70 ۽ پڪي جلد ۾ 95 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو